پريالو (ن پ ا) پريالوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميوو خان ڪلهوڙو ۾ 25 سال جي نوجوان لياقت علي پٽ ضمير احمد ڪلهوڙو گهرو اڻبڻت تان ٽي ٽي پسٽل سان پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. فائر جي آواز تي گهر ڀاتي ڪمري ۾ داخل ٿيا ته نوجوان رتورت ۽ بيهوشي واري حالت ۾ پيل هو، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پهرين آر ايچ سي ڳاڙهي موري پهچايو جتان سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب سول اسپتال خيرپور پهچايو جتي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.