ڳڙھي ياسين: آغا سراج دراني ۽ ذوالفقار ڪماريو ۾ اختلاف تيز، ڪماريو کي هٽائڻ لاءِ قرارداد منظور!!

0
700
سراج دراني ۽ ذوالفقار ڪماريو
ڳڙھي ياسين: آغا سراج دراني ۽ ذوالفقار ڪماريو ۾ اختلاف تيز، ڪماريو کي هٽائڻ لاءِ قرارداد منظور!!

ڳڙهي ياسين(ٽائيم نيوز) ڳڙهي ياسين تعلقي جي ٻن پ پ اڳواڻن اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني ۽ پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو ۾ هلندڙ اختلاف وڌيڪ تيز ٿي ويا، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جي حڪم تي سندس رهائش گاهہ ڪوٽ دراني تي پ پ تعلقہ جنرل سيڪريٽري جاويد دراني جي صدارت هيٺ پ پ ڪارڪنن،عهديدارن ۽ علائقي جي معزز شخصيتن جو ڪٺ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو کي عهدي تان هٽائڻ ۽ پارٽي جي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ جي قرار داد پيش ڪئي وئي جيڪا اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي. پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري خلاف ڪوٽ دراني ۾ ٿيل ڪٺ ۾ جاويد دراني ، سيد عاشق شاهہ ، آل يوٿ پٺاڻ جي صدر اسد پٺاڻ ،محمد علي راڄڙ ، اسلم سومرو، ياسر شاهہ ، خير محمد اوڍو ، اصغر جعفري ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو پارٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪندي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جي سخت مخالفت ڪري رهيو آهي ۽ آغا سراج دراني مٿان ڪوڙا الزام لڳائي ڪوڙيون پٽيشنيون داخل ڪرائي رهيو آهي جڏهن تہ ڪافي وقت کان آغا سراج دراني خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي هن جي ڪردار ڪشي ڪندو رهي ٿو. هن چيو تہ اسان کي پارٽي اندر ڏڦيڙ پيدا ڪرائيندڙ پ پ جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو نہ کپي. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان گهر ڪئي تہ ذوالفقار ڪماريو کي عهدي تان هٽائي پارٽي مان نيڪالي ڏني وڃي جڏھن ته ڪوٽ دراني تي ٿيل ڪٺ ۾ تعلقي جي مختلف يوسيز يوسي وارياسو ،ڳهڻو واهہ ، نم شريف ،شاهہ پور جکرو ،ڳڙهي ياسين ٽائون جي صدر سميت ڪيترن ئي عهديدارن شرڪت نه ڪئي جڏهن تہ مدئجي ٽائون سميت پ پ تعلقي جي تعلقي صدر سميت ٻين عهديدارن شرڪت نہ ڪئي. ٿيل ڪٺ ۾ مختلف ماڻهن کي گهرائي قرارداد پاس ڪرائي وئي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار خان ڪماريو ٻڌايو ته ڪوٽ دراني تي ٿيل گڏجاڻي ۾ تعلقي جي يونين ڪائونسل توڙي تعلقي جي ڪيترن ئي عھديدارن شرڪت ناھي ڪئي تعلقي جا عھديدار ۽ ڪارڪن مون مٿان مڪمل اعتماد ڪندا آھن ۽ مون سان گڏ آھن جلد تعلقي جي 17 يونين ڪائونسل ۽ تعلقي عھديدارن جو اجلاس سڏايو ويند.و ھن چيو ته مون آغا سراج خلاف ڪا به پٽيشن داخل ناھي ڪرائي صرف بار ۾ شاھد سومرو خلاف درخواست داخل ڪرائي آھي.