پيٽرول هڪ رپيو 71 پئسا مهانگو ٿيندو: شهباز گل

0
208
پي ايس او ۽ شيل مخلتف

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ حڪومت مهانگائي، ڪورونا سبب اڳ ئي پريشان عوام تي هلندڙ مهيني دوران هڪ ٻيو پيٽرول بم ڪيرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

وزير اعظم جي صلاحڪار شهباز گل ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته اوگرا جي سفارش تي پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 71 پئسا واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ ڪو ردوبدل نه ڪيو ويندو.
شهباز گل ٽوئٽ ۾ پيٽرول اگهن جو چارٽ به رکيو، جنهن ۾ پيٽرول جي موجوده قيمت 118 رپيا 9 پئسا آهي، هڪ رپيو 71 پئسا واڌ کانپوءِ پيٽرول جو في لٽر 119 رپيا 80 پئسن جو ٿي ويندو.