ڀارت جي ڌمڪي: پرڏيهي ڪرڪيٽرن طرفان ڪشمير پريميئر ليگ ۾ شرڪت کان انڪار

0
252
ڪشمير پريميئر ليگ
ڀارت جي ڌمڪي: پرڏيهي ڪرڪيٽرن طرفان ڪشمير پريميئر ليگ ۾ شرڪت کان انڪار

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت طرفان ڪشمير پريميئر ليگ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش جي سازش منظر عام تي اچي وئي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي ڌمڪي سبب سمورن پرڏيهي ڪرڪيٽرن ٽورنامينٽ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ڀارتي بورڊ ڪرڪيٽرن کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ڪشمير پريميئر ليگ ۾ شرڪت ڪندا ته پوءِ انهن لاءِ آءِ پي ايل سميت انڊين ڪرڪيٽ جا در بند ڪيا ويندا. ميڊيا رپورٽن موجب ڀارت ڪرڪيٽ بورڊ جي اهم عهديدارن ڪرڪيٽرن پرڏيهي رانديگرن جي ايجنٽن کي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ کين ليگ ۾ شرڪت جي صورت ۾ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، جنهن کانپوءِ پرڏيهي رانديگرن ۽ آفيشلز ايونٽ ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي آهي. ان حوالي سان پاڪستان جي معتبر ميڊيائي اداري دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي بورڊ طرفان پرڏيهي رانديگرن ۽ آفيشلز کي لکيل خط جي ڪاپي وٽن ثبوت طور محفوظ آهي، جيڪا وقت اچڻ تي پڌري ڪئي ويندي. ٻئي پاسي ڪشمير پريميئر ليگ جي انتظاميا اعلان ڪيو آهي ته ليگ 6 آگسٽ کان شروع ٿيندي، جنهن ۾ پاڪستاني رانديگر شرڪت ڪندا، جڏهن ته فائنل 17 آگسٽ تي مظفر آباد ۾ ٿيندو.