ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ بلدياتي چونڊن کان اڳ ئي سياسي اٿل پٿل ۾ تيز ٿي وئي، جي ڊي اي ايم اين اي غوث بخش مهر جي ويجهي ساٿي ۽ اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر سيد عبدالقادر شاھ امروٽي کيس الوداع چئي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عبدالقادر شاھ امروٽي پراڻي امروٽ ۾ جلسو منقعد ڪري پنهنجي برادري، مريدن ۽ دوستن سميت پ پ شڪارپور ضلعي جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي خان ڪماريو جي هٿ تي باضابطه طور پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آھي، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ذوالفقار ڪماريو، عبدالقادر شاھ امروٽي کي پ پ جو جهنڊو پارايو، جلسي کي خطاب ڪندي عبدالقادر شاھ امروٽي چيو ته اسان 8 سال جي ڊي اي ۾ رهي پهريون دفعو جمهوريت کان ٻاهر رهياسين پر اسان جو امروٽي خاندان هميشه پيپلز پارٽي جو حصو رهيو آھي، هن وڌيڪ چيو ته گهڻو گهمي ڦري اها ڳالھه سمجھه ۾ آئي ته جيڪڏھن عوامي خدمت ڪجي ته پ پ کان وڌيڪ ڪا به پارٽي ناهي، ذوالفقار ڪماريو چيو ته آئون عبدالقادر شاھ امروٽي ۽ سندس ساٿين جو ٿورائتو آھيان جن پارٽي قيادت مٿان اعتماد ڪندي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آھي ۽ اسان به خاطري ٿا ڪرايون ته کين مايوس نه ڪنداسين.