سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ جي نظاماڻي پاڙي ۾ 7 سالن جو ٻارڙو پر اسرار نموني فوت ٿي ويو. والد پاران پوليس جي حراس ۾ فوت ٿيڻ جو الزام. سانگهڙ شھر جي نظاماڻي پاڙي جي مشھور نعت خوان ۽ ديني عالم ڪاشف انور نظاماڻي جو معصوم ٻارڙو اذان نظاماڻي پراسرار نموني فوت ٿي ويو. جنھن کان پوءِ ٻارڙي جي والد ڪاشف انور نظاماڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجي ڀائرن جن سان منھنجو تعلق 18 سالن کان نه آهي، انھن جو رند برادري سان زمين جي تڪرار تان خون جو معاملو ٿي ويو جنھن تان پوليس مونکي ٻه ڀيرا بنا جواز جي گرفتار ڪيو. منھنجو منھنجي ڀائرن سان نه خوشي نه غمي جو رستو آهي. ان جي خبر سڄي شھر کي آهي. پوليس کي به خبر آهي. پوليس پاران مونکي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ منهنجا ٻارڙا تمام گهڻو ذھني دٻاءُ جو شڪار رھيا. پوليس جي گاڏي ڏسندا ھئا ته خوف ۾ لڪي ويندا هئا. ٻارڙا رات پاڙي ۾ کيڏي رهيا هئا ته پوليس جي گاڏي لنگھي ته ٻارڙو خوف کان ڀڄي وڃي اونداهي جڳهه تي لڪيا، گھڻي دير تائين نه اچڻ کان پوءِ اسان ڳولا شروع ڪئي ته کيس گھر جي ڇت تان لاش هٿ آيو. مونکي بيگناهه تنگ ڪيو ويو. مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪنهن کي دانهن ڏيان.