نوابشاھ (بيورو رپورٽ) رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 26 هين ورسي جو جلسو نوابشاهه ۾ ڪيو ويو، جلسي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، مرڪزي قيادت سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، ڪلچر سيڪريٽري ڏاڏو اطھر سومرو، آصف مگسي سان گڏ پهتو، شعبان ماٽي، هاشم لغاري هزارين ماڻهن سان گڏ سندس ڀرپور استقبال ڪيو، گلن جي ورکا ڪئي ۽ کيس اجرڪ پارايا. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سيد جي ورسي کي خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ پيار محبت، امن رواداري جو پيغام آهي، سيد سنڌ جي مالڪي لاءِ عدم تشدد جو رستو ڏيکاريو، جنهن رستي تي هلي سنڌ جي مالڪي ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ سازش جي گهري ۾ آهي، بحريا ٽائون سميت هزارين هائوس اسڪمين ذريعي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، 6 جون تي بحريا ٽائون اڳيان تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن ڌرڻي ۾ شريڪ قومي فرض نڀايو وڃي، هن چيو ته هٿ وٺي سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ڪرايا پيا وڃن، سنڌ ۾ لاقانونيت وڌي وئي آهي، 6 جون کان پوءِ جهيڙيندڙ قبيلن ڏانهن شهيد بابا بشير قريشي جيان ميڙ منٿ جا قافلا وٺي وڃي ڌرين جا جهڙا ختم ڪرايا ويندا، ورسي جلسي کي جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا حڪمران ملڪ رياض سان گڏجي سنڌ ۾ هڪ نئو اسلائيل جوڙي رهيا آهن، نااهل حڪمرانن جو قوم کي گهيراءُ ڪرڻ گهرجي، جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام خطاب ۾ چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ جي سياسي جاگرافي، ثقافتي، اقتصادي طور تي مالڪي ڪئي، سيد جي فڪر ۾ سنڌ جي بقا آهي، سيد 60 کان وڌيڪ ڪتاب لکي ويو آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي، جلسي کي جسقم ڪلچر سيڪريٽري ڏاڏو اطھر سومرو ،آصف مگسي،شعبان ماٽي ،هاشم لغاري ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته جسقم اڳواڻ منور شيخ، اياز ڪورائي سميت هزارين ماڻهو شريڪ هئا.