ڦل (ن پ ا) ڦل ڀرسان ڳوٺ سيري وڳڻ ۾ وڳڻ برادريءَ ۾ زمين مامري تان هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو، خون ثابت ٿيڻ تي رستم وڳڻ تي 50 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو ۽ تڏي جي معافي پڻ ورتي
ويندي. اهڙي فيصلي بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويو. ان سلسلي ۾ 7 سال اڳ ڦل ڀرسان ڳوٺ سيري وڳڻ ۾ زمين جي مسئلي تان وڳڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو هو جنھن ۾ ڳوٺ جعفر خان وڳڻ جو رھواسي نوجوان رضوان وڳڻ قتل ٿي ويو ھو ۽ علائقي ۾ تڪرار وڌڻ کي نظر ۾ رکندي سماجي سياسي ڌرين جي ڪوششن سان ٻنهي ڌرين کي فيصلي تي راضي ڪيو ويو جنھن جو فيصلو درگاهه جھانيان ۾ سيد حسن شاهه جھانيان جي سر پئنچي ۾ ٿيو فيصلي ۾ پير آف بودلو جي گادي نشين سيد نور محمد شاھ لڪياري، وڳڻ ورلڊ اتحاد جي اڳواڻ يعقوب علي وڳڻ، پير علي نواز قريشي، رجب علي وڳڻ، اعجاز علي وڳڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. جنھن ۾ خون ثابت ٿيڻ تي رستم وڳڻ تي 50 لک رپيا ڏنڍ وڌو ويو ۽ تڏي جي معافي ورتي ويندي فيصلي بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.