ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) ڳڙهي خيرو ۾ وڏ متاثرن جي سھائتا نه ٿيڻ خلاف جسقم ڪارڪنن بھرام لھر، مختيار چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنج گلي چوڪ تي ڌرڻو ھنيو. مظاھرين چيو ته ڳڙهي خيرو جي ڪيترن ئي پاڙن ۽ ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، جڏھن ته سماجي تنظيم جو انچارج پئسن عيوض سروي ڪري رھيو آھي، پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن جي واھر ڪئي وڃي.