لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي شاهه بهارو ڪالوني جي رهواسڻ رٽائرڊ ٽيچر رضيه سلطانه ابڙو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سال 2017ع ۾ بلڊر عبدالستار ڪلهوڙو کان انڊس ويلي ۾ 14 لک 4 هزار ۾ 3600 چورس فوٽ پلاٽ خريد ڪري اڏاوتي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ عبدالستار ڪلهوڙو کي قبضو ڏيڻ جو چيو، ان قبضو ڏيڻ بجاءِ ڊاڪٽر بدرالدين جوڻيجو  ڏانهن اماڻيو، جنهن منهنجي هڪ به ڳالهه نه ٻڌي. اهڙي شڪايت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي ڪئي، اڃا تائين پلاٽ جو قبضو ملي ناهي سگهيو، ويتر عبدالستار ڪلهوڙو، ڊاڪٽر بدرالدين جوڻيجو پلاٽ جي مالڪي تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.