لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾ سنڌ پنهيار ويلفيئر ايسوسيئشن طرفان شڪارپور ۾ مبينا قتل ٿيل نينگر سليمان پنهيار جي خون سان انصاف لاءِ ڊويزنل صدر غلام عمر پنهيار، عبدالستار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سليمان پنهيار پٺاڻ ذات جي بااثر وٽ ملازمت ڪندو هو، جنهن کي پسٽل چوري معاملي تان قتل ڪري لاش قبرستان ۾ ٽنگي خودڪشي جو رنگ ڏنو ويو،پوليس قتل کي خودڪشي جو رنگ ڏئي خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جڏهن ته نينگر جي پيءُ محمد حنيف پنهيار کي پسٽل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرايو ويو، قاتل گرفتار نه ٿيا ته ان 6 نومبر تي شڪارپور پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.