ڳڙهي خيرو (رپورٽ: ساگر ڀٽي) ڳڙهي خيرو ڀرسان ماني پچائڻ دوران چلھه جي چڻنگ مان ٻن گھرن کي باهه، گھر اندر ستل معصوم نينگري سڙي فوت، سمورو الهه تلهه رک. خبر موجب ڳڙهي خيرو ڀرسان شھدادڪوٽ روڊ تي قائم ڳوٺ غضنفر علي کنڊ ۾ ئون لڏو لاھي ويٺل ھاري قلي بخش چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ اصغر چانڊيو جي گھرن کي رڌ پچاءَ دوران چلھه جي چڻنگ مان باهه لڳي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ پورھيتن جا 2 ڪکاوان گھر مڪمل سڙي خاڪ ٿي ويا، جڏهن ته گھر اندر ستل 6 ورھين جي فھميدہ ڌيءُ قلي بخش چانڊيو باهه ۾ سڙي فوت ٿي وئي، ڳوٺاڻن پاران فائر برگيڊ عملي کي بروقت اطلاع ڏنو ويو پر فائر برگيڊ دير سان پهتي، جنهن ڪري پورهيتن جو الهه تلهه سڙي ويو، پورهيت قلي بخش چانڊيو پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان سکر واهه کان لڏي آيا آهيون ڪکاوان گھر ٺاھي مس ويٺاسين ته گھرن کي باهه لڳي وئي، هن ٻڌايو ته نياڻي گھر اندر ستل ھئي، باهه وسائڻ لاءِ علائقي ۾ ڪٿي به پاڻي نه ھو، فائر برگيڊ گاڏي به دير سان پھتي.