اسلام آباد (م ڊ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر جو چوڻ آهي واڌو بجلي، رقم جي وصولي ۽ ادائيگي تي وفاقي ڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۾ اتفاق راءِ قائم ٿي وئي آهي. توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ جي واڌو بجلي جي فراهمي ۽ حڪومت کان رقم جي وصولي ۽ ادائيگي جا پراڻا اختلاف آهن، اڪثر معاملا ۽ مستقبل ۾ آساني لاءِ اڄ اصول طئي ٿي ويا آهن ۽ هاڻ ڪي اليڪٽرڪ سان نئن معاهدو ٿيندو.