بدين (رپورٽر) بدين ۾ سامونڊي طوفان جي خطري باوجود وڏي تعداد ۾ نوجوان ۽ ٻار تفريح لاءِ سمنڊ ڪناري پهچي ويا. سامونڊي پٽي جي زيرو پوائنٽ تي مهاڻن پاران بنا ڪنهن حفاظتي انتظام جي نوجوانن کي ٻيڙين ۾ سوار ڪري اونهي سمنڊ ۾ سير ڪرايو ويو. جڏهن ته انتظاميا سمنڊ ۾ وڃڻ تي پابندي باوجود نوجوانن کي تفريح کان روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، انتظاميا پنهنجي ئي حڪم تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. ساڃاهه وندن انتظامي لاپرواهيءَ جي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به وقت وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو.