ڪراچي(نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ مٽيءَ و طوفان، ڇپرا اڏامي ويا، بجليءَ جو نظام ڊانوانڊول ٿي ووي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان سبب ڪيترائي ڪچا ڇپرا اڏامي ويا, جڏهن ته سي آءِ اي سينٽر وٽ بجلي جا 2 ٿنڀا ڪرڻ سبب بجلي جو نظام درهم برهم بڻجي ويو. تيز هوائن سبب انبن جا باغ به سخت متاثر ٿيا. هوڏانهن ٽنڊو محمد خان شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مٽي جي طوفان ۽ تيز هوائن عام زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي، ڪيترن ئي علائقن ۾ مواصلات ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، جڏهن ته تيز هوا سبب گهرن ۽ دڪانن جا ڇپڙا اڏامي ويا. ٻئي طرف نوري آباد ۾ تيز هوائن سبب ڪوهستان جي مختلف شھرن ۾ تارون ڪري پوڻ ڪري بجلي جو نظام مڪمل طور درهم برهم ٿي ويو، تيز هوائن لڳڻ ڪري اڪثر ڪچن گهرن جون ڇتيون پڻ اڏامي ويون. هوڏانهن ڊگهڙي شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ مٽيءَ جي طوفان زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي، مٽيءَ جي طوفان سبب ماڻھو گهرن تائين محدود ٿي ويا، انبن جي باغن کي شديد نقصان پهتو، ڪچيون انبڙيون ڇڻي ويون. ٻئي طرف سجاول جوڻيجو ۽ آسپاس ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پئي جنهن بعد موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ گرمي جو زور ٽٽي ويو.