ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ قهر جي گرمي ۽ لڱ ساڙيندڙ لوءِ، گرمي پد 42 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان سبب ڪراچي ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين گرمي رهندي، گرم هوا سبب لڱ ساڙيندڙ لوءِ به لڳندي رهندي، جڏهن ته ڪالهوڪي گرم هوا ۽ لوءِ سان گڏ رڪارڊ ڪيل گرمي پد 42 سينٽي گريڊ تائين رهيو، هوڏانهن ڪي ايم سي اختيارين پاران هيٽ ويو ۽ سامونڊي طوفان سبب 20 مئي تائين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪي ايم سي جي انتظامن هيٺ ايندڙ اسپتالن ۾ به هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آھن.