جروار واسي گم ٿيل نينگر ڪوٽڙي مان هٿ

0
282

جروار (ن پ ا) جروار جي ڳوٺ پيربخش چاچڙ واسي گم ٿيل نينگر مصري چاچڙ ڪوٽڙي مان هٿ اچي ويو، جروار پوليس ڪوٽڙي پهچي نينگر کي کڻي اچي وارثن حوالي ڪري ڇڏي، نينگر جو گهر پهچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي، نينگر موجب مون کي رڪشا تي سوار همراهه ميرپورماٿيلو مان کڻي ويا، ڪوٽڙي شھر پهتاسين ته مان انهن کان لڪي رڪشا تان لهي ويس، جنهن بعد مون کي محبوب ڪوريجا نالي شخص پنهنجي گهر رهايو، انهي منهنجي وارثن کي اطلاع ڏنو، نينگر جي گهر پهچڻ تي ڳوٺ ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي ۽ سندس امڙ پنهنجي ٻچڙي کي ڀاڪر ڀائي خوشي وچان لڙڪي هاري ويٺي.