ڳڙهي خيرو ( ن پ ا) ڳڙهي خيرو جي عدالت موتمار ڌمڪين جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي پيءُ ، پٽ ۽ ڀائٽي کي ڏيڍ – ڏيڍ سال جي سزا ٻڌائي ڇڏي ، جوابدار ھڪ ھڪ ھزار ڏنڊ به ڀريندا ، 2020 ۾ سيد معشوق شاھ ڳڙهي خيرو ٿاڻي تي طالب شاھ سندس پٽ توقير شاھ ۽ ڀائيٽي فدا حسين شاھ خلاف موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪرايو ھو ڳڙهي خيرو پوليس پنج مھينا اڳ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ھو سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ شاھنواز جاگيراڻي جي عدالت پنجن مھينن ۾ ڪيس اڪلائي جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏھن ته جوابدار ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ ھڪ ھڪ مھينو قيد ڪاٽيندا واضع رھي ته جوابدار سيد طالب شاھ مٿان معشوق شاھ جي والد سيد عاشق شاھ جي قتل جو پڻ ڪيس داخل ٿيل آھي، جيڪو شھدادڪوٽ عدالت ۾ زير سماعت آھي