نوشهروفيروز (رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر سرڪٽ بينچ جي جسٽس محمد سليم جيسر ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ڊبل بئنچ چار سال اڳ پوليس ھٿان قتل ڪيل شاگرد شفيق سولنگي جو ڪيس سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز ڏانھن منتقل ڪندي سيشن جج کي حڪم ڪيو آھي ته ڄاڻايل ڪيس 6 مھينن ۾ اڪلايو وڃي، ڀريا پوليس جي ايس ايڇ او عبدالله اعواڻ ۽ اھلڪار موسيٰ سولنگي 21 مئي 2017 تي نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ طالب سولنگي مان شاگرد شفيق سولنگي کي کنڀي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ھو ۽ اھڙو ڪيس سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ختم ڪري ڇڏيو ھو، سيشن ڪورٽ جي اھڙي فيصلي خلاف 6 مھينا اڳ مقتول شاگرد جي ماءُ وزيران سولنگي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ھئي ۽ ان پٽيشن تي عدالت فيصلو ڏيندي ڪيس کي ٻيھر ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو ۽ ڪيس 6 مھينن ۾ اڪلائڻ جو حڪم ڏنو آهي.