ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت دعا منگي ۽ بسمه سليم جي اغوا ڪيسن جي ٻڌڻي جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ سبب 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه ٻڌڻي دوران دعا منگي جو بيان قلمبند ڪيو ويو، ڪيس ۾ مظفر عرف موزي، زوهيب علي، فياض، طارق ۽ وسيم گرفتار ٿيل آهن، جڏهن ته عدالت ڪيس ۾ نامزد آغا منصور کي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي، پوليس موجب جوابدارن دعا منگي ۽ بسمه سليم کي 2019ع ۾ اغوا ڪيو هو، ڀنگ وٺڻ بعد جوابدارن دعا منگي کي آزاد ڪيو هو.