ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سيشن ڪورٽ جي پراڻي بار آفيس جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ھڪ عورت وڪيل زخمي، خبر موجب ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ جي پراڻي بار آفيس جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنهن جي نتيجي ۾ بار ۾ ويٺل عورت وڪيل نوشين پھوڙ زخمي ٿي پئي، جڏھن ته ٻيا وڪيل معجزاڻي طور محفوظ رهيا، زخمي وڪيل کي سول اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد ڏيڻ بعد ميڊيڪل وارڊ منتقل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد بار جي صدر مير پرويز اختر ٽالپر ٻڌايو ته اسان 9 آڪٽوبر تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اي جي پي کي خط لکيو ھو ته بار جي پراڻي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار آھي، جنھن جي مرمت ڪرائي وڃي، جيڪا ڪنھن به وقت ڪري سگھي ٿي، جنھن سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿي سگھي ٿو، پر ان جي باوجود ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو، جنھنڪري اھڙو واقعو پيش آيو. ھن مطالبو ڪيو ته فوري طور بلڊنگ جي مرمت ڪرائي وڃي.