ڳڀرو نوجوان جو قتل ۽ بنا ايس ايس پي جي هلندڙ ضلعو

0
189
ڳڀرو نوجوان جو قتل ۽ بنا ايس ايس پي جي هلندڙ ضلعو

دادو شهر جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان تلائن وٽ اربع جي رات ڦر جي واقعي دوران هٿيار بندن پسٽل جون گوليون هڻي 18 سالن جي ڳڀرو نوجوان دانش جمالي کي قتل ۽ دلاور بوزدار کي ڄنگھه ۾ گولي هڻي زخمي ڪيو، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته پهريان موٽر سائيڪل سوار 3 هٿياربندن دلاور بوزدار کان هٿيارن جي زور تي 125 هنڊا موٽر سائيڪل ڦر جي  ڪوشش ڪئ جنهن تي هن  ڦورن سان مزاحمت ڪئي ته مٿان رٽائرڊ اي ايس آءِ عبدالرئوف جمالي جو پٽ دانش جمالي موٽر سائيڪل تي پهتو جنهن پڻ هٿيار بندن ڦورن سان مزاحمت ڪئي،جنهن تي   بي رحم هٿياربند ڦورن کيس ڳلي ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي،

اهڙي ڏکوئيندڙ واقعي کي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪئي، پوليس کي هٿياربند ڦورن جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ اچڻ باوجود قاتل اڃا تائين قانون جي گرفت کان آجا آهن، ڳڀرو نوجوان دانش جمالي جي قتل کان اڳ دادو شهر جي مک ڪاروباري مرڪز اسٽيشن روڊ تي 3 دوڪانن جون ڇتيون پٽي لکين روپين جي چوري ڪئي وئي  ۽ ڇيڪ ڇڏيل هٿياربند ڦورن پاران ميونسپل پارڪ ۽ ڀرپاسي جي گهٽين مان 4 شهرين کان موبائيل سيٽ ، روڪ رقم ڦر ڪرڻ جا واقعا به  پيش اچي چڪا آهن  پر پوليس ڏوهي وارداتن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪو به تحرڪ ناهي ورتو، ايئن به ناهي ته دادو پوليس ڏوهارين کان بيخبر آهي، پوليس کي سڄي خبر آهي ته ڏينهن جو سي ڊي موٽر سائيڪل ڪهڙا ڏوهاري ڦر ڪندا آهن،

رات جي وقت ۾ ڪهڙا هٿياربند ڦر جي واقعن ۾ ملوث آهن، 125 موٽر سائيڪل ڪهڙا ڦورو ڦر ڪندا آهن ، پر شايد پوليس ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ توڙي امن ڪرائڻ ۾ سجيده نظر نه ٿي اچي. اهو ئي سبب آهي دادو سنڌ جو واحد ضلعو آهي جيڪو هڪ هفتي کان بنا ايس ايس پي جي هلايو پيو وڃي، ڦل فرائي ۽ هاف فرائي جي حوالي سان دبنگ سڏجندڙايس ايس پي عرفان احمد سمون 12 آڪٽوبر تي ٽريننگ لاءِ دادو جي چارج ڇڏي هليو ويو، پر دادو ۾ ايس ايس پي جي مقرري سواليه نشان بڻيل آهي بدامني کي منهن ڏيندڙ دادو ضلعي ۾ ايس ايس پي جي مقرري نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ هٿيار بند ڦورو کلي عام اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون ڪرڻ سان گڏ ڳڀرو نوجوان دانش جمالي کي بي رحمي سان قتل ڪيو آهي ، اهو ئي سبب آهي جو دادو جا لکين شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن.