ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊي باگي جي وارڊ نمبر 2 جي ميگھواڙ پاڙي ۾ جتيون پالش ڪندڙ پورهيت بابو ميگھواڙ جي گهر کي اوچتو باهه لڳي لڳي وئي، ٽائون ڪميٽي جي فائر برگيڊ گاڏي خراب هئڻ ڪري پاڙي وارن پنهنجي گهرن مان پاڻي جا دلا مٽ کڻي باه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باه تي ڪنٽرول نه ڪري سگهڻ ڪري گهر ۾ پيل سمورو سامان هنڌ بسترا، کٽون، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو.