دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غازي خان جمالي ، دادو ٽائون جي صدر عنايت علي جمالي ، لياقت علي ڀٽي ، امتياز احمد لنڊ ۽ امان هنڱورو جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ استادن ڪالھ ٽئين ڏينهن تي پڻ ٽريزري آفيس دادو ۾ ڪرپشن خلاف خلاف پرائمري مين اسڪول کان احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن داهيو آهي ته ٽريزري آفيس دادو کي وڏيري جي اوطاق ڪري هلايو پيو وڃي ، ٽريزري آفيسر توڙي آڊيٽر آفيس ۾ ويهڻ لاء تيار ناهن ايجنٽن جي معرفت هر بل ۽ ڪاغذ پنهنجي گهر جي اوطاقن تي وڏي ڪميشن عيوض صحيح ڪن ٿا جنهن ڪري سال سال گذرڻ باوجود به سوين رٽائر ٿيندڙ ملازمن کي گريجوئيٽي ، جي پي فنڊ ۽ ٻيون ادائگيون نه ٿيون ڪيون وڃن. ٽريزري آفيسر کي هٽائي رٽائر استادن کي ادائگيون ڪيون وڃن نه ته احتجاج جاري رهندو.