ڳجھيون ملاقاتون، ضمني چونڊون ۽ شوڪت ترين

0
441

عمران خان فارين فنڊنگ ڪيس بابت پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته منهنجي خواهش آهي ته اهڙو ڪيس ڳجھي طريقي بجاءِ کليل طريقي سان هلڻ کپي، عمران خان جي اهڙي موقف جي ابتڙ اليڪشن ڪميشن قانوني طريقي سان فارين فنڊنگ ڪيس اڪلائڻ جو موقف اختيار ڪندي چيو هو ته اهڙو ڪيس کليل نموني عوامي سطح تي هلائي نٿا سگھون. عمران خان وارا پنهنجو پاڻ کي صاف شفاف ثابت ڪرڻ لاءِ اهڙا بيان ضرور ڏيندا آهن پر عملي طور تي معاملا ڳجها رکڻ ۾ وڌيڪ غنيمت سمجھندا آهن، جيڪو شخص وڏي دعويٰ سان چئي رهيو هو ته فارين فنڊنگ ڪيس به کليل هلايو هاڻي اهو شخص جهانگير ترين سان ڳجھون ملاقاتون به ڪري چڪو آهي، جهانگير ترين سان ڳجھين ملاقاتن جا معاملا هاڻي ٻاهر اچڻ شروع ٿي چڪا آهن. پهرين ڳالهه اها ته هن سڄي صورتحال ۾ جهانگير ترين عمران خان کي جھڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، عمران خان پهريان ئي پنهنجي انهيءَ هوڏ تي قائم هو ته هو ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو نه جھڪندو بيشڪ حڪومت هلي وڃي پر حقيقت اها آهي ته عمران خان هميشه دٻاءَ آڏو جھڪڻ کي ترجيح ڏني آهي. جهانگير ترين سندس ويجھو دوست هو ان ڪري شايد هن کي عمران خان جي طبيعت جي خبر هئي تنهن ڪري هن عمران خان کي دٻاءَ ۾ آڻڻ واري موقف کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ استعمال ڪيو، عمران خان رات جو چئي رهيو هو ته اسد عمر سندس اوپنر رانديگر آهي، هن کي هٽائي نٿو سگھجي پر صبح تائين آءِ ايم ايف جي چوڻ تي حفيظ شيخ کي آڻي اسد عمر کي گھر اماڻي چيو ويو ته صرف ڪپتان ئي ڄاڻي ٿو ته ڪهڙي رانديگر کي ڪڏهن کيڏائڻو آهي، ڪڏهن آرام ڏيڻو آهي.
جهانگير ترين انهن سمورن معاملن کي ڄاڻندو هو ان ڪري هن ملڪ واپس اچي عدالتن کي منهن ڏيڻ شروع ڪيو، پهريائين عمران خان جهانگير ترين سان ملاقات لاءِ ڪاميٽي جوڙي پر جهانگير ترين پاڻ ته ڇا پنهنجي ڪنهن به گروپ واري کي به اهڙي ڪاميٽيءَ سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عمران خان مجبور ٿي اهڙي جهانگير ترين گروپ سان پاڻ ملاقات ڪئي جنهن دوران جهانگير ترين خلاف جاچ ڪندڙ آفيسر رضوان کي به هٽايو ويو، اهڙي ملاقات دوران عمران خان وارا همراهه چئي رهيا هئا ته خان صاحب جهانگير ترين گروپ آڏو جھڪڻ کان انڪار ڪري ڪنهن جي به دٻاءَ ۾ نه اچڻ واري موقف کي ورجايو آهي پر هينئر اصل حقيقت اها آهي ته عمران خان جهانگير ترين سان ڳجھي ملاقات به ڪري چڪو آهي، ان مان اهو ثابت ٿيو ته پهرين مرحلي ۾ جهانگير ترين ڪاميابي حاصل ڪري چڪو هاڻي اڳتي جيڪڏهن عمران خان اهڙي ملاقات کي تسليم ڪندي، اهو موقف اختيار ڪري ٿو ته ملاقات باوجود کيس پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندو. تڏهن به سندس آڏو اهو سوال هر ملاقات ۾ موجود هوندو ته ڪنهن جوابدار سان ڪيس جي بنياد تي ئي ملاقات ڪرڻ ڇا ان ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ ناهي، ڇا اهو مفاد سان ٽڪراءَ واري ذمري ۾ نٿو اچي؟ ساڳئي وقت مخالف ڌر جنهن رڳو جهانگير ترين جي گروپ سان ملاقات تي ئي چوڻ شروع ڪيو هو ته عمران خان جهانگير ترين وارن کي اين آر او ڏئي ڇڏيو هاڻي هن عمران جهانگير ملاقات تي ڇا چوندا اها ڪنهن کي خبر آهي. هن ملاقات جي نتيجي ۾ عمران خان جو احتساب سڀني جي لاءِ وارو بيانيو هاڻي پنهنجي موت پاڻ مري چڪو آهي، هڪڙي پاسي برطانيا ۾ ويٺل نوازشريف کي ملڪ واپس آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته ٻئي پاسي لنڊن مان واپس آيل جهانگير ترين جي آڏو حڪومت گوڏا کوڙيندي نظر اچي رهي آهي.
عمران خان هينئر به پنهنجي خطاب ۾ ورجايو آهي ته هن ملڪ تي گذريل 30 سالن کان ٻن خاندانن حڪمراني ڪندي جائيدادون ٺاهيون آهن، عمران خان اهو به چوندو آهي ته منهنجي 22 سالن جي جاکوڙ ئي انهن جي خلاف رهي آهي، اسان هڪڙي ڏينهن بني گالا ۾ ملاقات دوران عمران خان کي چيو هو ته انهن 30 سالن واري حڪمراني واري ذڪر دوران پرويز مشرف جو ذڪر ڇو ناهيو ڪندا. عمران خان کان ڊي چوڪ واري ڌرڻي دوران به اهو پڇيو هو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي جن سان توهان لنڊن ۾ ويهي آل پارٽيز ڪانفرنس گڏ ڪيون هجن، پرويز مشرف خلاف چيف جسٽس واري بحالي تحريڪ گڏجي هلائي هجي هاڻي توهان ڊي چوڪ تي اچي چئو ته توهان انهن سان ڳالهيون به نٿا ڪري سگھو؟ هاڻي ته اهو سوال به پراڻو ٿي چڪو آهي ته پيپلز پارٽي جي سليم مانڊوي والا کي پنهنجو ووٽ ڏئي توهان ڊپٽي چيئرمين سينيٽ ڪيئن چونڊرايو هو، جنهن سوال جي جواب ۾ خان صاحب چيو هو ته اصل ۾ اسان ن ليگ جي اميدوارن کي روڪڻ لاءِ اهو سڀ ڪجھه ڪيو هو، اهڙن ئي فيصلن جي ڪري عمران خان پنهنجي لاءِ پاڻ يوٽرن جو لقب به حاصل ڪري ورتو آهي، جيڪڏهن دٻاءَ جي نتيجي ۾ اچي پنهنجي بيانيي جي ابتڙ فيصلا ڪرڻ ڪاميابيءَ وارو رستو آهي ته پوءِ اهو سڀ ڪجھه رڳو جهانگير ترين لاءِ ڇو؟ جيڪڏهن عمران خان اهڙو يوٽرن سڄي مخالف ڌر لاءِ اختيار ڪندي انهن سان ذاتي حيثيت ۾ ملاقاتون ڪري ته هن ملڪ جا شروعاتي مسئلا ئي حل ٿي وڃن. ذاتي حيثيت ۾ آصف زرداري يا نوازشريف، شهبازشريف سان ملاقات نه به ڪري پر خان صاحب رڳو قومي اشوز تي انهن سان گڏ ويهڻ کي ئي پنهنجي اوليت بڻائي تڏهن به خان صاحب ڪيترن ئي عذابن کان بچي پوي ها.
هڪڙي پاسي خان صاحب ملڪ جي معيشت جي تباهيءَ جو ذميوار ماضيءَ جي پ پ پ ۽ ن ليگ حڪومتن کي سمجھي ٿو ته ٻئي پاسي سندس نئون ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين آءِ ايم ايف سان معاهدن کي سخت معاهدو سمجھي ٿو. شوڪت ترين چئي ٿو ته جيڪڏهن ايندڙ چئن سالن ۾ جي ڊي پي گروٿ 5 سيڪڙو نه رهي ته پوءِ ملڪ جو ئي خدا حافظ. هڪ طرف عمران خان سمجھي ٿو ته احتساب جو عمل جاري رهندو ته ٻئي پاسي شوڪت ترين چوي ٿو ته پراڻا قصا نه کوليو ، هڪ طرف عمران خان سمجھي ٿو ته پ پ پ ۽ ن ليگ وارن سان گڏجي هلڻ گناهه آهي ته ٻئي طرف شوڪت ترين اسحاق ڊار واري ميثاق معيشت واري تجويز تي عمل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن عمران خان جي خلاف پارٽيون سندس خلاف موقف اختيار ڪن ها ته اها معمول موجب معاملو لڳي ها پر هتي عمران خان جا پنهنجا وفاقي وزيرا اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن جھڙيون ڳالهيون مخالف ڌر وارين پارٽين جا اڳواڻ ڪندا آيا آهن. گذريل ڏينهن اسد عمر چيو آهي ته عمران خان اسيمبليون ٽوڙي به سگھي ٿو، هڪ طرف قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر مخالف ڌر وارن جون مائيڪون ئي بند ڪري ٿو ڇڏي، خواجه آصف کان خورشيد شاهه تائين اسيمبلي جي اجلاس دوران پروڊڪشن آرڊر به جاري نه ٿو ڪري ته ٻئي پاسي شوڪت ترين سمجھي ٿو ته هو ماضي ۾ اين ايف سي ايوارد ۾ به رهيو آهي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وارن سان لاڳاپا به بهتر آهن، ان ڪري افهام ۽ تفهيم وارو ماحول پيدا ڪيو. خبر ناهي هاڻي عمران خان اسپيڪر اسد قيصر جي فارمولي تي هلندو يا شوڪت ترين جي. هي جيڪا شوڪت ترين آمريڪي صدر جو بائيڊن جي معيشت جي حوالي سان ٽرڪل ڊائون افيڪٽ واري ائپروچ کي رد ڪرڻ واري ڳالهه ڪندي چيو آهي ته هيٺئين طبقي کي ترجيح تي آڻڻو پوندو ان جو هڪڙو سياسي پيغام اهو به ٿي سگھي ٿو ته ڪپتان صاحب پنهنجي ڳالهه کي ڇڏيو ڪجھه رانديگرن جي به ٻڌو، جيڪڏهن عمران خان شوڪت ترين فارمولا تي عمل ڪري ٿو ته پوءِ ايندڙ بجيٽ پاس ڪرائڻ ۾ عمران خان کي ايتري ڏکيائي پيش نه ايندي پر جيڪڏهن عمران خان اسد قيصر فارمولا تي هلي ٿو ته نتيجا اهي ئي ايندا جيڪي هينئر ضمني چونڊن ۾ سامهون اچي رهيا آهن، جتي خان صاحب جي تحريڪ انصاف حڪومت ۾ هئڻ باوجود هر جاءِ تي شڪست کي منهن ڏئي رهي آهي.