مختلف نالن سان ڪمپنيون ٺاهي 3 ارب رپين جو فراڊ ڪرڻ جو انڪشاف

0
295

ڪراچي: ملڪ ۾ مختلف نالن سان ڪمپنيون ٺاهي شهرين کان 3 ارب رپيا ڦريندڙ گروهه جو انڪشاف ٿيو آهي. فراڊي گروهه جو نشانو بڻجندڙ 70 کان وڌيڪ شهرين عدالت ۾ درخواست ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار پلاٽ، فنانس، هوم فنانس ۽ ليزنگ سميت مختلف لالچون ڏيندا آهن، هڪ علائقي ۾ مهيني کان 6 مهينن تائين آفيس کولي بند ڪري ڇڏيندا آهن، هيل تائين هو پوري ملڪ مان 4 سو کان وڌيڪ شهرين کان 3 ارب رپين جو فراڊ ڪري چڪا آهن. درخواست گذار اظهر عباس نقوي جو چوڻ هو ته جوابدارن خلاف ٿاڻن تي ڪيس به داخل آهن، سندن شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪري گرفتار ڪيو وڃي ۽ جي آءِ ٽي جوڙي سندن خلاف جاچ ڪئي وڃي.