ڪورونا وائرس تي وفاق ۽ سنڌ وري آمهون سامهون

0
409

ڪورونا جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ۽ ماڻهن جي بي احتياطي انهي صورتحال کي خراب ڪري رهي آهي،جڏهن ته حڪومت جو وري ميار لاهڻ وارو رويو انهي صورتحال کي خراب کان خراب تر ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائي رهيو آهي، جڏهن ته انهي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت توڙي سنڌ حڪومت وائرس خلاف ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ بدران هڪٻئي خلاف ئي تنقيد جا تير هلائي رهيا آهن جنهن ڪري اهو خطرو آهي ته صورتحال انهي کان به وڌيڪ خراب ٿي سنگيني ڏانهن نه هلي وڃي پوءِ نه هڪٻئي تي تنقيد جو موقعو ملندو نه ڪير ٻئي کي ذميوار قرار ڏئي پنهنجي جان آجي ڪرائي سگهندو ڇاڪاڻ ته حڪومت ڪهڙي ۽ ڪنهن جي به هجي عوام اول ۽ آخر انهن کي ذميوار سمجهندو اها وفاقي حڪومت هجي توڙي صوبائي حڪومت هجي.
ڪورونا جي پکڙجڻ جي خطري کانپوءِ لڳاتار وفاق ۽سنڌ آمهون سامهون رهيا آهن سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان وٺي سخت قدم کڻڻ جي تجويز ڏيندي رهي آهي جڏهن ته وفاق ڪاروبار ۽ معيشت متاثر ٿيڻ ۽ بيروزگاري ۾ واڌ جو جواز ڄاڻائي انهي تجويز جي مخالفت ڪندي رهي آهي جنهن ڪري ٻئي حڪومتن هڪٻئي تي الزام تراشي ڪنديون رهيون.سنڌ حڪومت ڪجهه وقت اڳ بين الاصوبائي ٽرانسپورٽ ۽ هوائي اڏامون به بند ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن کي به وفاقي حڪومت رد ڪري ڇڏيو هو جنهن تي به هڪٻئي خلاف بيانبازي ٿيندي رهي. هاڻي وري ايس او پيز تي عمل جو معاملو سامهون آيو آهي. وفاقي وزير فواد چوڌري ڪجهه ڏينهن اڳ بيان ڏنو ته سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايس او پيز تي عمل ٿي رهيو آهي جنهن تي ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير سخت ردعمل ڏيکاريندي وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻايو ،وڏي وزير چيو ته هڪ ڏينهن وزيراعظم ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ عوام کي هدايت ٿو ڪري ته ٻئي ڏينهن پاڻ بنا ماسڪ جي افتتاح ڪندو ٿو وتي ته عوام انهن هدايتن تي ڪيئن عمل ڪندو؟ وڏي وزير چيو ته هڪ وزير چوي ٿو ته ٽرانسپورٽ بند نه ٿا ڪري سگهون عوام خريداري لاءِ اچي ٿو ته ٻئي طرف ٻيو وزير چوي ٿو ته خريداري ڪري وٺو لاڪڊائون ڪيو ويندو،وڏي وزير چيو ته مان گهٻرائجي چڪو آهيان بين الاصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ گهرجي.سنڌ ۾ سڀاڻي 8 مئي کان 16مئي تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ڪاروبار بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سان ڪنهن حد تائين انهي ڪورونا جي وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ مدد ملندي.هن سڄي صورتحال ۾ جيڪا ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي اها اها ته جڏهن ڏکي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي هڪٻئي سان سهڪار ڪري گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي پر انهي وقت ٻئي حڪومتون رڳو هڪٻئي خلاف آمهون سامهون بيٺل نظر اچن ٿيون ۽ ايئن ٿو لڳي ته کين عوام جي جانين جي حفاظت ڪرڻ بدران پنهنجي پنهنجي سياست جي حفاظت جو فڪر هوندو آهي جيڪا ڳالهه ڪنهن به اهم منصب تي ويٺل ماڻهو يا حڪومت کي نه ٿي سونهين، ڇاڪاڻ ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ ڪنهن به مصيبت کان بچائڻ حڪومتن جي ئي ذميواري آهي جيڪڏهن اهي هڪٻئي تي ئي الزام هڻڻ ۾پوريون هونديون ته عوام جو هن ڏکي صورتحال ۾ ڪير ڀرجهلو ٿيندو.
اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي انهي رويئي تي سنجيدگي سان ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. عيد جي موڪلن ۾ به کين اهو موقعو فراهم ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته عيد جا ڏينهن ڄڻ پاڻمرادو ئي ٽرانسپورٽ ۽ ڪاروبار گهڻو قدر بند هوندو آهي باقي ڪجهه ڏينهن ٻيا به جيڪڏهن انهي فيصلي تي صحيح نموني عمل ڪرايو ويو ته گهڻي قدر وبا کي پکڙجڻ کان روڪي سگهبو پر جيڪڏهن وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون هڪٻئي سان وڙهڻ بدران گڏجي ڪورونا سان وڙهڻ کي ترجيح ڏين.