ڪراچي چونڊ ۽  پي ڊي ايم جي استعيفائن جي ڪهاڻي!

0
408

ڪراچي ۾ ٿيل ضمني چونڊ دوران پيدا ٿيل صورتحال کان پوءِ هاڻي ته اها ڳالھه چٽي ٿي وئي آهي ته حقيقت ۾ پي ڊي ايم کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان ۾ ڏار وجهڻ جي پٺيان اڻ سڌي طرح ن ليگ خود پاڻ شامل هئي، مريم نواز صاحبه خود اسيمبلين تان استعيفائن جي ڳالھه جو بهانو بڻائي هٿ سان پي ڊي ايم جي ٻيڙي ۾ سوراخ ڪيو جيڪو اڳتي هلي پنهنجي منطقي انجام ڏانهن وڃڻو هو. پ پ قيادت ۽ اي اين پي ن ليگ جي اهڙي ڊرامي جي ايندڙ قسط کان اڳواٽ آگاهه هيون ان ڪري هو استعيفائن کان اڳ اتحاد کي ئي الوداع ڪري ويون. پاڻ ان ڳالھه تي اڳ ۾ به لکي چڪا آهيون ته ن ليگ جي خواهش هئي ته اسيمبلين مان استعيفائون ڏئي اسٽيبلشمينٽ لاءِ ميدان خالي ڪري اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ ماحول ٺاهي ڏجي ته هو آساني سان ارڙهين ترميم جو خاتمو ڪري سگهن پر جڏهن پ پ ۽ اي اين پي اهڙي عمل ڪرڻ کان انڪاري ٿيون ته پوءِ ٻنهي پارٽين کي پي ڊي ايم مان ڪڍڻ لاءِ شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا ته جيئن اهي ڪاوڙ ۾ اچي اتحاد کي الوداع ڪن، ٻين لفظن ۾ ته ٻنهي پارٽين کي هٿ وٺي اتحاد مان ڀڄايو ويو، اهڙي مرحلي تي مريم نواز جو رد عمل به انتهائي کل جوڳو هو. 
بعد ۾ خبر نه آهي ته مريم نواز ڪراچي جي تڪ اين اي 249 جي ضمني اليڪشن کي ڇا لاءِ تڪراري بنايو. اليڪشن کان ڪجھه ڏينهن اڳ هن حڪومت کي 5 سال مدو پورو ڪرڻ وارو حيرت ناڪ بيان ڏنو، اهڙي بيان کان پوءِ مريم نواز صاحبه ضمني اليڪشن جي نتيجن کي ڀلي تسليم نه به ڪري ها ليڪن هاڻ جڏهن عمران خان جي حڪمران پارٽي کي ڪراچي جي اليڪشن ۾ عوام ووٽ نه ڏنو ته هوءَ  پ پ تي ووٽ چوري ڪرڻ جو الزام مڙهي رهي آهي. دراصل حقيقت اها آهي ته عمران سرڪار کي مدو پورو ڪرڻ وارو بيان ڏيڻ ۽ پ پ تي ووٽ چوري ڪرڻ جا بيان هڪ ٻئي سان جڙيل آهن.
 اين اي 249 جي تڪ ۾ ٿيندڙ اليڪشن جو مختصر جائزو پيش ڪبو ته خبر پوندي ته اڄ جو اين اي 249 وارو تڪ ماضيءَ جو اين اي 184 جو حتڪ هوندو هو،  ملڪ ۾ آدمشماري جو وڌندڙ رجحان انتهائي تيز آهي ان ڪري ان تڪ کي ٿوري ڦير گهير سان اين اي 249 ۾ تبديل ڪيو ويو. 24 سال اڳ ۾ اهو تڪ بلديه ٽائون ميٽروپول، مومن آباد جا ڪجهه علائقا ڪياماڙي ۽ سلطان آباد جي علائقن تي مشتمل هوندو هو جنهن کي اين اي 184 چيو ويندو هو. جتان عمران خان زندگي جي پهرين اليڪشن ۾ حصو ورتو هو. ماضيءَ ۾ پ پ 1988ع ۾ اها سيٽ کٽي چڪي آهي جنهن کانپوءِ لڳاتار ن ليگ 2 اليڪشنون کٽيون هيون پر ان کان پوءِ وري اها ساڳي سيٽ ايم ڪيو ايم وٽ هلي وئي. 2018ع جي اليڪشن ۾ ساڳي سيٽ تي فيصل واوڊا شهباز شريف کي سخت مقابلي کان پوءِ شڪست ڏني، اهڙي طرح ماضيءَ ۾ هي تڪ 4 جماعتون پ پ، ن ليگ، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم وٽ رهيو آهي، ان مان ثابت ٿيو ته هر جماعت ان علائقي مان اڪثريت سان اتان کٽڻ جي دعويٰ ڪندي رهي آهي، ماضيءَ م ان تڪ يعني اين اي 184 تي ٿيندڙ اليڪشنز ۾ اهم سياستدانن حصو ورتو آهي ۽ انهن هزارن ۾ ووٽ کنيا آهن، هن تڪ تان ن ليگ جي اعجاز احمد شيخ 35 هزار 45 ووٽ کڻي 1997ع جي اليڪشن کٽي، ايم ڪيو ايم 32 هزار 512 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي ۽ پ پ جو نصير الله بابر 23 هزار 512 ووٽ کڻي ٽين نمبر تي رهيو ۽ تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان صرف 2037 ووٽ کڻي ضمانت ضبط ڪرائي چڪو آهي.
ان کان اڳ ۾ 1993ع ۾ ساڳئي حلقي مان ميان اعجاز احمد شيخ 32937 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو ۽ پ پ جي مسرور احسن 32671 ووٽ کنيا هئا ، ان سخت مقابلي ۾ فرق صرف 266 ووٽن جو رهيو، ان وقت جو فرق هن اليڪشن جي فرق کان تمام گهٽ هو، هاڻي 2018ع ۾ شهباز شريف فيصل واڊوا کان اين اي 249 ۾ صرف 723 ووٽ تان شڪست کاڌي هئي. مٿئين مختصر جائزي جو مقصد صرف اهو آهي ته اهو تڪ جيڪو ماضيءَ ۾ 184 ۽ هاڻ 249 تي مشتمل آهي سو لڳ ڀڳ ساڳين علائقن تي ئي ٻڌل آهي جنهن مان صرف ڪياماڙي ۽ سلطان آباد جا علائقا نڪتل آهن باقي ساڳي آباديءَ تي مشتمل آهي جنهن ۾ پٺاڻ، هزاري والا،  اعواڻ برادري، اردو ۽ ڪجهه سنڌي بلوچ جي آبادي جا ووٽ آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن تڪ تان مختلف وقتن ۾  شهباز شريف، عمران خان ۽ نصير الله بابر جيڪو پڻ ڪي پي سان تعلق ٿو رکي صرف انهن برادرين جي اڪثريت جي ڪري هتان اچي پنهنجي قسمت آزمائيندا رهيا آهن. ن ليگ ٻئي ڀيرا هن علائقي ۾ ڪوبه ڪم نه ڪيو جنهن ڪري 2018ع ۾ هنن ناڪامي کي ڏسندي پارٽي جي صدر شهباز شريف کي خود بيهاريو ليڪن پوءِ به هو ڪري پيو، سنڌ ۾ پ پ حڪومت جي ڪري هتان جي رهندڙ جنهن ۾ اڪثريت ڪي پي مان آيل ماڻهن جي آهي، ان کان علاوه اعواڻن ۽ هزاري وارن گڏيل طور اهو فيصلو ڪيو ته سنڌ ۾ ن ليگ يا پي ٽي آئي سندن بنيادي مسئلن کي ڪڏهن به حل ڪونه ڪيو آهي، ن ليگ 4 دفعا حڪومت ۾ آئي پر هنن هتي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو، وري پي ٽي آئي کي به وارو ڏنو ويو ليڪن انهن جي به مرڪز ۾ حڪومت هوندي به انهن ڪجهه ڪونه ڪيو تنهن ڪري هن ڀيري هنن جو گڏيل فيصلو پ پ کي ووٽ ڏيڻ جو هو.
حيران ڪن ڳالهه اها آهي ته ع2018 جي اليڪشن ۾ ڪنهن کي به فارم 45 ڪونه ڏنو ويو هو ۽ ان وقت اها به شڪايت ڪئي وئي هئي ته پولنگ ايجنٽن کي پولنگ بوٿن مان به زوري ڪڍيو ويو آهي. نه رڳو اهو پر اها شڪايت به سامهون آئي ته ان اليڪشن ۾ سرعام ٺپا به هنيا ويا آهن ليڪن ايترين وڏين ڌانڌلين ۽ بي قائدگين جي دانهن باوجود ن ليگ جي قيادت 2018 ع جي اليڪشن م ايترو گوڙ گهمسان ۽ احتجاج ڪونه ڪيو نه ئي ان تڪ ۾ وري ڳڻپ ڪرائي سگهيا هئا جو ان وقت ڪنهن به هنن جي دانهن تي غور ڪونه ڪيو.
پر تازو ٿيل ضمني اليڪشن ۾ جڏهن مفتاح اسماعيل کي تقريبن ساڍا ڇھه سئو جي ووٽن تان شڪست ٿي ته ن ليگ حشر برپا ڪري ڇڏيو ۽ هڪ شفاف اليڪشن جنهن تي سمورو ڏينهن ميڊيا تي ڪابه بي ضابطگي جي رپورٽ ڪانه هلي نه ئي ڪنهن به پارٽي جي اڳواڻ پاران ڪا دانهن آئي پر رات جو 2 وڳي ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته فارم 45 تي اسان جي ايجنٽ جي صحيح ڪونه آهي، اهڙي هڪ شڪايت تي اليڪشن ڪميشن رزلٽ روڪي ڇڏي ۽ ن ليگ جي درخواست ٻڌڻ لاءِ منظور ڪري ورتي جنهن مان ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آئي ۽ ن ليگ هڪ ئي پچ تي کيڏي رهيون آهن ۽ کانئن پ پ جي ڪراچي اندر اها فتح ھضم نه ٿي سگهي. 
آئون اڳ ۾ به لکندو رهيو آهيان ته انهن ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن پاران ٿيندڙ اداڪاري پٺيان هدايتڪار ساڳيو آهي ۽ اهي ٻئي پارٽيون اصل ڌرين جي اصرار تي  اهو سڀ ڪجھه ڪري رهيون آهن جڏهن ته عوام کي بيوقوف ٺاهڻ لاءِ مختلف ڊراما ڪيا پيا وڃن. اوهان کي ياد هوندو ته پي ڊي ايم جي ٽٽڻ وقت مون لکيو هو ته اهو به سوچيل سمجهيل اسڪرپٽ جو حصو هو، ان وقت سموريون سياسي ڌريون ۽ طاقتون بشمول ن ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان هر حالت ۾ پ پ کان اسيمبلين تان استعيفا ڏيڻ لاءِ زور ڀري رهيون هيون پر پ پ استعيفائن جو نه ته واعدو ڪيو ۽ نه ئي سندن زور زبردستي تي استعيفائون ڏنيون بعد ۾ ساڳيون سياسي ڌريون اهو بهانو بنائي حڪومت خلاف تحريڪ جي خاتمي جو اعلان ڪري پنهنجي هدايتڪارن اڳيان سرخرو به ٿيون ۽ پ پ کي عوام جي آڏو جمهوريت خلاف ڪم ڪندڙ پارٽي طور به پيش ڪيو، ليڪن ڪراچي جي تڪ اين اي 249 جي اليڪشن ۾ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي ناڪامي تي سندن هڪ ٿي وڃڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر مون واري اڳڪٿي سچ ثابت ٿي آهي ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڳجھه ڳوھ ۾ هڪ ئي هدايتڪار جي هدايتن تي اداڪاري ڪري رهيون آهن.
اها پارٽي جيڪا هر روز اهو چئي ته اسيمبلين ۾ ڪوبه مسئلو حل ڪونه ٿيندو ۽ استعيفائون ئي واحد حل آهن ته پوءِ ڪراچي جي هڪ سيٽ تي ڪنهن جي اشاري تي ايترو هنگامو ڪيو ويو؟ اها ڳالھه سوچڻ جي آهي ته اليڪشن ڪميشن سڀني قانونن ۽ روايتن کي پاسي تي رکي  ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو  پر اصل هدايتڪارن جي ڪمال ڪاريگري جا جوهر اڃان به نروار ٿيندا رهندا جيڪي  ن ليگ ۽ پ پ کي پاڻ ۾ ايترو ته الجهائيندا جو حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ۾ شايد ڪا خاص پريشاني نه ٿيندي ڇاڪاڻ هن سڄي فلم جي اسڪرپٽ جو اصل نقطو اهو ئي آهي. پر هتي اهو سوچڻ به ضروري آهي ته هن فلم جي پوري ٿيڻ کان پوءِ وري ڪهڙو ڊرامو سامهون ايندو؟ ان لاءِ هن وقت “هدايتڪارن”  اڳ ۾ ئي متبادل طور ٽي ايل پي کي ميدان ۾ آندو آهي جنهن کي  پابندي جي باوجود اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ۽ هن تڪ تان ٿيل اليڪشن ۾ سندن ٽين پوزيشن اچڻ ڪنهن حڪمت عملي تحت ئي ٿيو آهي، ان ڪري سڄي ملڪ مان استعيفائون ڏيڻ وارن کي هڪ سيٽ جي پويان لڳائي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته هن ملڪ ۾ ٿيندو اهوئي جيڪو “هو پاڻ” چاهيندا.