گھوڙاٻاري (رپورٽ : مختيار جان چانڊيو ) ساحلي پٽي گھوڙاٻاري ۽   ڪيٽي بندر ۾ برساتن جي تباھڪارين ڳوٺاڻن کي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي گھوڙاٻاري   آئوٽ فال  ڊرين  پوڇڙ  جي  شھر( مھر ) الڳ اٿلڻ ڪري يونين ڪائونسل مھر جا ڳوٺ شيفع چنڊاڻي ، الھڏنو چنڊاڻي ، محمد پٽيل ڊوڪي ، حاجي فاضل پنھور ، يوسف لاڙڪ ، اسماعيل لاڙڪ ـ سيد بچايو شاھـ ، صابر ڪيھر سميت ڪيترائي ڳوٺ  پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن  ساحلي جا ڪيترائي قبرستان  برساتن سبب ٻڏي ويا آھن جنھنڪري  ڳوٺاڻن کي لاش دفنائڻ ۾ وڏيون مشڪلاتون درپيش اچي رھيون آھن  تاريخي قبرستان برساتن جي پاڻي جي لپيٽ اچي مسارجي ويا آھن  اڃا تائين  سوين ڳوٺ برساتي پاڻي   جي گھيري ۾ آيل  آھن  يونين ڪائونسل کاڻ يونين ڪائونسل گليل يونين ڪائونسل جاڙادالي  يونين  ڪائونسل مھر  جا ڪافي ڳوٺ  پاڻي ۾ ٻڏل ھئڻ ڪري ڳوٺاڻن جي زندگي عذاب بڻجي وئي آھي ، تيز برساتن سبب گھوڙاٻاري شھر ۾ نئي تعمير ٿيندڙ تعلقي اسپتال  ۾ پاڻي بيھڻ ڪري ھلندڙ ڪم بند ٿي ويو  آھي ، بگھاڙ موري پوليس ٿاڻو  برساتن سبب ٻڏي ويو آھي جنھن ڪري  پوليس عملي ڀرسان ھاء اسڪول جي عمارت ۾ عارضي طور پناھ حاصل ڪري ورتي آھي ،سانوڻي جي تيز برساتن سبب ڪيتريون پرائمري اسڪولن جون عمارتون  پاڻي ۾ ٻڏي ويون آھن جنھن ڪري عمارتن کي ڊھڻ جو خطرو لاحق ٿي ويو  آھي. ور شھر جي مين  پرائمري اسڪول برساتي پاڻي ۾ ٻڏي وئي آھي. پير پٺو ڀرسان تعمير ٿيندڙ واٽر سپلاء اسڪيم  جو ھلندڙ ڪم پڻ بند ٿي ويو آھي، درياء جي وھڪري ۾ چاڙھ اچڻ ڪري گھوڙاٻاري جي ڳوٺ  گيل موري ڀرسان ڪچي جي علائقي ۾  ڇڇ ڪيٽي ڍنڍ پاڻي سان تارو تار ٿي  ڀرجي وئي آھي، جنھن ڪري ڇڇ ڍنڍ جي پيٽ ۾ رھندڙ ڳوٺاڻا لڏ پلاڻ ڪري پڪي واري علائقن ۾ منتقل ٿي رھيا آھن ، ڇڇ ڍنڍ جي ڀرجڻ ڪري منگلي وٽان  بي يو بچاء بند کي  بند ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن آبپاشي کاتي پاران بي يو بچاء بند گليل بي يو بچاء بند انڊو تي آبڪلاڻي ۾ سنڌو درياء جي وڏي وھڪري کي منھن ڏيڻ لاء جھوپڙيون قائم ڪري عملي کي چوڪس ڪيو پيو وڃي ،  ھوڏانھن تازين  برساتن سبب زرعي فصلن ونئڻ ڀنڊيون ، ڪدو ، پان توريون ، ساريال ۽ مرچ سميت ٻين قيمتي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي. غريب برسات متاثر ماڻھو ڀاڄيون خريد ڪرڻ  کان محروم بڻجي فاڪاڪشي ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آھن.