عثمان شاھ ھڙي (ن پ ا) تعلقي جهنڊومري جي مورياڻي ڍنڍ ۾ برساتن سبب شاخن کي پيل گهارن بعد ضرورت کان وڌيڪ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ کانپوء ڳوٺ جاني ساند،بهادر حاجاڻو،موريو ساند،وهاب شاھ،جانڻ ساند،مشائخ هوٿي سميت 20 ڳوٺن ۾ پاڻي  داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻن جا اجها پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ان حوالي سان علائقي معزز حاجي خان محمد ساند وس آھر متاثرن جي مدد ڪئي ۽ متاثرن کي کاڌي پيتي جو سامان پڻ ڏنو، جڏهن ته  چونڊيل نمائيندا متاثرن وٽ لڙي نه آيا آهن،  پاڻي بيهڻ ڪري مختلف ڳوٺن مان لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آهي، هوڏانهن مورياڻي ڍنڍ ۾ ضرورت کان وڌيڪ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن ٽنڊوالهيار پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن بعد ڊپٽي ڪميشنر ٽنڊوالهيار پاران نوٽيس ورتو ويو ۽ ڍنڍ جو وزٽ ڪيو ويو، ڳوٺاڻن موجب ڊپٽي ڪميشنر ٽنڊوالهيار جي نوٽيس باوجود ڪو به کڙ تيل ناهي نڪتو.