راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ جي  ڳوٺ آندل تنيو واسين احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته سندس ڳوٺ مڪمل برساتي پاڻي ھيٺ آھي جنھن سبب اسڪول مسجد رستو ۽ گھر پاڻي ھيٺ اچي چڪا آھن‚ ڳوٺ جا ڪچا گھر ڊھي پيا آھن چوپائي مال ۾ بيمارين منھن ڪڍيو آھي ٻارن ۾ گيسٽرو تيزي سان پکڙجي  پيو. ڳوٺاڻن محمد عرس سولنگي گلبھار چانڊيو ۽ ٻين پ پ اڳواڻ  اڳوڻي يوسي شاھپنجو جي چيئرمن ۽ موجوده  اميدوار ڊاڪٽر نعيم سومري کان گھر ڪئي آھي ته سندس ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي جانورن جي علاج لاء ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي وڃي متاثرين جي سھائتا ڪئي وڃي جيڪڏھن ائين نه ڪيو ويو ته پوء ووٽ به ڪونه ڏينداسين