گهارو (ن پ ا) گھاري ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران چونڊ مهم جي حوالي سان سرگرميون تيز ڪيون ويون آھن، مختلف اميدوارن پاران پ پ پ اميدوارن جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.  ان ڏس ۾  وارڊ نمبر 8 جي آزاد اميدوار مولوي محمد قاسم چانڊيو ۽ غلام حيدر ڇٽو پ پ پ اميدوار مير بابو پهنور جي حق ۾ هٿ کنيو، جڏهن ته  وارڊ نمبر 6 جو آزاد اميدوار نظير احمد خانيو پ پ پ اميدوار محمد عثمان ڪنڀار جي حق ۾ ۽ پير بخش ملاح وارڊ نمبر 7 جي آزاد اميدوار وحيد عارفاڻي جي حق ۾ دستبردار ٿي ويا. انهيء کان اڳ جيئن ئي پ پ پ اڳواڻ گهارو پهتا ته پ پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران مٿن گلن جي ورکا ڪري اجرڪن جا تحفا پيش ڪري سندن شاندار آجيان ڪئي.