ٿاڻوبولاخان (ن پ ا)  وارڊ نمبر 4 تي پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ اسد سڪندر خان جي حمايتي اميدوار شھزاد احمد ميمڻ ۽ ميمڻ برادري طرفان بلدياتي اليڪشن چونڊ مھم جي سلسلي ۾ ڪارنر گڏجاڻي منعقد ڪئي ويئي. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ ملڪ سڪندر خان جونيئر چيو ته ڄامشورو ضلعو ۽ ڪوھستان تعلقو ٿاڻوبولاخان ھميشه پاڪستان پيپلز پارٽي جو قلعو رھيو آھي ھن وقت به قلعو آھي ھتان جي غيرت مند عوام ھميشه پ پ ملڪ اسد سڪندر خان جي اميدوارن کي وڏي ليڊ سان سوڀارو ڪيو آھي 15 جنوري تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن مخالفن کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿيندي ٿاڻوبولاخان ٽائون جي 6 وارڊن ۽ ستن يونين ڪونسلن تي پ پ اميدوار سوڀارا ٿيندا ھن چيو ته مخالف صرف اليڪشن جي ٽائيم تي ظاھر ٿين ٿا اليڪشن وڙھڻ سندن وس  جي ڳالھ نه آھي عوام جي خدمت سدائين پ پ ۽ ملڪ اسد سڪندر خان ڪئي آھي پ پ پنھنجي دور ۾ ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن . ڪارنر گڏجاڻي ۾  ملڪ شاھنواز خان ملڪ احمد خان ڊاڪٽر ڀون مل ھيمراجاڻي، مزمل امير بخش خاصخيلي، پير امير شاھ جيلاني، سھيل يوسف ميمڻ محمد حسين خاصخيلي، ھريش ڪمار ڏناڻي. مکي ڪپيل ديو آڏواڻي، شنڪر منگھواڻي  سميت وڏي انگ ۾ معززين ميمڻ برادري جي سوين ماڻھن شرڪت ڪئي.