ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو سائينداد يونين ڪائونسل جي عوام 15 جنوري تي پنهنجي علائقي جي ترقي خوشحالي لاءِ پنهنجو قومي فرض ادا ڪري گل تي ٺپو هڻي آزاد اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندا ، اهڙو اظهار يونين ڪائونسل ٽنڊوسائينداد جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ جي آزاد اميدوار پير عمر خليل جان سرهندي عوامي ڪارنر گڏجاڻي کي مخاطب ٿيندي ڪيو ، عوامي ڪارنر گڏجاڻي کي آزاد پئنل جي سربراھ پير معصوم جان سرهندي مخاطب ٿيندي چيو ته عوام ٽنڊوسائينداد جي خوشحالي لاءِ پنهنجي روشن مستقبل جي تعميرات ڪرڻ جي شروعات ڪندي مڪاني چونڊ ۾ آزمايل بجاءِ وري نوجوان اعلى قيادت کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ آزاد اميدوارن کي ووٽ ڏيئي صرف گل تي ٺپا هڻي هر حالت ۾ ڪامياب ڪندو ، گل نشان جي ڪاميابي عوام جي ڪاميابي آهي ، جنهن کي هاڻي عوام کان ڪير به الڳ ڪري نٿو سگهي .