اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس جو شيڊول هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس 4 مئي ڏينهن جو 11 وڳي بدران 15 مئي تي شام جو 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، اسپيڪر قومي اسيمبلي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس جي شيڊول ۾ تبديلي پارليامينٽ جي جوائنٽ سٽنگز رولز 1973ع جي قائدي 4 تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي ڪئي آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽري پاران گڏيل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي شيڊول ۾ تبديلي جو سرڪيولر به جاري ڪيو ويو آهي.