اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي خالي آسامين جي حوالي سان چيف جسٽس ۽ جوڊيشل ڪميشن جي ميمبرن کي لکيل خط جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس ۽ جوڊيشل ڪميشن ميمبرن کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ 2 ججز جون جايون گذريل 19 مهينن کان خالي آهن. گرمي جي موڪلن کان اڳ اجلاس گهرائي ججز جي مقرري جو عمل شروع ڪيو وڃي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 53 هزار ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ 2 ججز جون جايون 19 مهينن کان خالي آهن. پنهنجي آئيني ذميواري کي سمجهندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مسرت هلالي جا نالا سپريم ڪورٽ لاءِ تجويز ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته جسٽس احمد علي شيخ سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي واحد نمائندگي ڪندو، خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ ۾ نه آندو ويو ته ماڻهن ۾ مايوسي پيدا ٿيندي، ڪي پي جي ماڻهن جي شڪايت آهي ته انهن جي صوبي جو صرف هڪ جج سپريم ڪورٽ ۾ آهي، پاڪستان جو آئين برابري جو درس ڏئي ٿو ۽ امتيازي سلوڪ کان منع ڪري ٿو، آئين، جاءِ پيدائش، رهائش، جنس ۽ نسلي امتياز کان منع ڪري ٿو. جسٽس فائز خط ۾ چيو ته تجويز ڪيل ٻئي جج ڪجهه مهينن ۾ رٽائرڊ ٿي ويندا ان ڪري چيف جسٽس کي استدعا آهي ته جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس جلد گهرايو وڃي.