ڪراچي (م ڊ) پريس فريڊم بابت عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي ترقي ٿي آهي، جڏهن ته ڀارت 11 درجا پوئتي ويو آهي. رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز جي رپورٽ موجب هلندڙ سال ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ ڀارت 11 درجا پوئتي وڃڻ کانپوءِ 161هين نمبر تي پهچي ويو، جڏهن ته پاڪستان 7 درجا ترقي سان 150هين نمبر تي پهتو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي ترقي موجوده حڪومت جي هاڪاري قدمن سبب ٿي آهي. صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف صحافين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته چئلينجن ۽ خطرن باوجود صحافي ڪڏهن به ذميوارين کان ناهن لنوائيندا.