اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) پاران عمران خان، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرايو ويو آهي، ريفرنس اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۽ آئين جي آرٽيڪل 218 ٽي تحت داخل ڪيو ويو آهي، ريفرنس ۾ ڪرپشن، ڪرپٽ پريڪٽسز، پنجاب اسيمبلي جي اميدوارن کان ٽڪيٽ جي بدلي ۾ رشوت وٺڻ جي الزامن ۾ اليڪشن ڪميشن کان قانوني ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي آهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن ملڪ محمد احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پاران داخل ڪرايل ريفرنس سان گڏ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي آڊيو ليڪ جو متن، پي ٽي آءِ ٽڪيٽ هولڊرز جي فهرست سميت ٻيا دستاويز ۽ رڪارڊ  به لڳايو ويو آهي، ريفرنس ۾ عمران خان، ثاقب نثار، نجم ثاقب، ابوزر، اعجاز احمد چوڌري، اسد عمر کي ڌر بڻايو ويو آهي، داخل ڪرايل ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته مالي ۽ اخلاقي ٻنهي قسمن جي کليل ڪرپشن جي بنياد تي هي شڪايت داخل ڪري رهيا آهيون، پنجاب اسيمبلي جي چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽن جي خريد ۽ وڪرو جاري آهي، هڪ سياسي جماعت قانون، اخلاقيات ۽ جمهوريت جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا آهن، اها جماعت پارٽي ٽڪيٽن ۾ ڪرپشن ڪري سياست جي مقدس شعبي کي گندو ڪري رهي آهي، ريفرنس ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آئين، قانون ۽ اليڪشن ايڪٽ جي خلاف ورزي تي اليڪشن ڪميشن ڪارروائي ڪري، 29 اپريل تي ميڊيا ۾ سامهون آيل آڊيو سان ڄاڻايل فرد بي نقاب ٿيا آهن، آڊيوز مان خبر پئي آهي ته ڄاڻايل شخص سڌا سنوان ان ڏوهه ۾ ملوث آهن، عمران خان گذريل هفتي پاڻ پارٽي ٽڪيٽون ڏنيون آهن، آڊيو ۽ 26 اپريل تي عمران خان پاران ملزم ابوذر کي پارٽي چونڊ ٽڪيٽ ڏيڻ سان حقيقت ثابت ٿي وئي آهي،  آڊيو ليڪ ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته ثاقب نثار ان ڊيل ۾ ملوث آهي، ثاقب نثار، اعجاز چوڌري، اسد عمر سهولتڪاري ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن مامري جي جاچ ڪرائي ۽ ملزمن کي سزا ڏئي، عمران خان کي پارٽي چيئرمين جي عهدي تان معطل ڪيو وڃي، ريفرنس ۾ اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ طرفان جنرل اليڪشن ۾ جاري ڪيل پارٽي ٽڪيٽون معطل ڪيون وڃن.