گڊو (ن پ ا) گڊو ٿرمل پاور هائوس جي 747 ميگاواٽ کي آئوٽ آف سورس ڪرڻ ۽ 600 ميگاواٽ 415 ميگاواٽ جي جنريشن لائيسنس جي بحالي لاءِ هائيڊرو يونين جي سڏ تي سوين ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري چيف ايگزيڪٽو آفيسر جي گيٽ وٽ ريجنل چيئرمين خادم حسين بوهڙ، دوست علي ڏاهاڻي، هدايت الله سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪار آءِ ايم ايف جي فرمائش تحت منافعي بخش گڊو ٿرمل جي 747 کي آئوٽ آف سورس ڪرڻ چاهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته گڊو ٿرمل جي 600 ميگاواٽ ۽ 415 ميگاواٽ جا جنريشن لائيسنس 2023 ۾ ختم ٿيڻ وارا آهن اسان جو مطالبو آهي منافعي بخش يونٽن جا لائيسنس بحال ڪري ملڪ جي ادارن توڙي مزدورن کي فاڪاڪشي کان بچايو وڃي.