حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي هالاناڪي سان تعلق رکندڙ مسمات شبانه نياڻي جي مبينا اغوا خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن الزام هڻندي چيو ته 4 مهينا اڳ سندس نياڻي ڪاجل کي بااثر اغوا ڪري ويا،  اڃا تائين ڪٿي به ڪو ڏس پتو ناهي ملي سگهيو. نياڻي جي اغوا واقعي جي مارڪيٽ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪو به تحرڪ ناهي ورتو. هن خدشو ظاهر ڪيو ته بااثر سندس نياڻي کي جاني نقصان پهچائيندا. نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.