روهڙي (ن پ ا) ھڪ ھفتي کان پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر، قرآن پاڪ کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. تفصيل موجب ھڪ ھفتو اڳ سکر کان گهوٽڪي ويل نوجوان گلزار احمد شيخ جي وارثن محمد عالم، محمد مٺل، دودو شيخ ۽ عبدالجبار شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ عورتن ۽ ٻارن قرآن پاڪ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته گلزار شيخ گهوٽڪيءَ ۾ دوستن جي دعوت تي وڃڻ جو ٻڌائي گهران نڪري ويو هو ۽ رات جو گهوٽڪيءَ ۾ موجودگيءَ بعد هن جو فون نمبر بند ٿي ويو. ھڪ ھفتو گذرڻ باوجود سندس ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي آهي ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.