گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ڀرسان هڪ ڏينهن اڳ گدام تي ڇاپو ھڻي نقلي ڀاڻ جون 400 ٻوريون ۽ مشينون ھٿ ڪرڻ جو ڪيس زرعي آفيسر جي فرياد تي داخل، 2جوابدار گرفتار ٿيل، ان ڏس ۾ گپچاڻي ڀرسان گلڻ واٽر وٽ قاسم سٽي ۾ ھڪ گدام تي پوليس ۽ ايگريڪلچرل پاران ڇاپو ھڻي ھٿ ڪيل نقلي ڊي اي پي ڀاڻ جون 400 ٻوريون، ڪيميڪل دوائون ۽ مشينون گپچاڻي ٿاڻي منتقل ڪيون،  جنھن جوڪيس گپچاڻي ٿاڻي تي ايگريڪلچرل جي ڊپٽي ڊائريڪٽر زيد احمد شيخ جي فرياد تي 4 جوابدارن شاھنواز بروھي، محمد وارث بروھي، امام الدين بروھي ۽ سرور بروھي خلاف داخل ڪيو ويو آھي،ياد رهي ته 2 ڄڻا امام الدين ۽ شاهه محمد عرف سرور بروھي اڳ ئي گرفتار ٿيل آهن، زرعي آفيسر زيد احمد شيخ فرياد ۾ ڄاڻايو آھي ته نقلي ڊي اي پي ڀاڻ ٺاھي وڪرو ڪيو ويندو ھو، ڳجھي اطلاع تي گودام تي ڇاپو هڻي 400 ٻوريون نقلي ڊي اي پي ۽  يوريا ڀاڻ ۽ 2 مشينون ڪيميڪل ھٿ ڪيون، ڄاڻايل جوابدار  اينگرو ۽ سونا ڊي اي پي  نقلي ڀاڻ زنڪ ٺاھي مختلف شھرن ڏانھن وڪرو ڪندا هئا.