ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل 4 شهرين جي بازيابي لاءِ لاڳاپيل ڌرين کان رپورٽ گهري ورتي، عدالت جاچ آفيسر پاران  رپورٽ جمع ڪرائڻ تي گم ٿيل ڇوڪريءَ واري درخواست غير موثر قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو ته گم ٿيل ڇوڪريءَ مذهب مٽائي بينش نالو رکي احمد علي سان شادي ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد زمان ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيس به سي ڪلاس ٿي ويو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن ڇوڪريءَ جي شادي ٿي آهي ته شادي جو سرٽيفڪيٽ يا نڪاح  نامو پيش ڪيو وڃي، عدالت ڇوڪريءَ جي گمشدگي واري درخواست غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي، عدالت گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ تڪڙا قدم کڻندي محمد زبير ۽ فيصل قيوم جي بازيابي بابت رپورٽ گهري ورتي.