همايون شريف (ن پ ا) جهان واهه ٿاڻي جي حد ۾ معرفاڻي ۽ ڀيا برادري ۾ هلندڙ تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ مختلف برادرين جا چڱا مڙس منظو پنهور جا فرزند چنگيز خان ۽ تيمور پنهور جي اڳواڻي ۾ علائقي جا سردار ۽ چڱا مڙس، ذوالفقار ڪماريو، علي احمد اوڍو، فهد پنهور، عمران سڌايو، در محمد خان، شاهد سڌايو، علي حسن ٿهيم، عدنان ڪاڪيپوٽو ڌرين وٽ پهتا.قافلي ۾ آيل چڱن مڙسن مقتول سراج معرفاڻي جي وارثن عبدالرحمان معرفاڻي تعزيت ڪئي.معرفاڻي برادريءَ جي ماڻهن ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي چيو ته جهيڙي دوران اسان جو هڪ ڄڻو قتل ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جيسيتائين زخمي ٺيڪ نٿا ٿين ان وقت تائين اسان فيصلو نه ڪنداسين، باقي جهيڙي جي اڳرائي نه ڪنداسين. بعد ۾ ميڙ منٿ قافلو ڀيا برادريءَ وٽ پهتو، اڳوڻي صوبائي وزير بابل ڀيو به سردارن ۽ برادري جي چڱن مڙسن سميت قافلي کي مان ڏيندي سڀ ڪجهه منظور پنهور مٿان اعتماد ڪندي  فيصلي لاءِ راضپو ڏيکاريو، چڱن مڙسن ڌرين کي اڳرائي ڪرڻ کان روڪيو. چنگيز پنهور رابطو  ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڌرين کي پاڻ ۾ کير کنڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون پيا. ياد رهي تي ڪجهه ڏينهن پهريان سارين جي ول چوري تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو. ڌرين جان 6 ڄڻا زخمي ٿيا هئا ۽ معرفاڻي برادري جو هڪ نوجوان سراج احمد معرفاڻي قتل ٿيو هو.