گٽڪي ڪيس ۾ شاهدي لاءِ گهرايل پوليس عملدار عدالت ۾ گٽڪو کائيندي گرفتار

0
254
گٽڪي ڪيس ۾ شاهدي لاءِ

ٽنڊو آدم جي عدالت ۾ گٽڪي ڪيس ۾ جوابدارن خلاف شاهدي لاءِ گهرايل پوليس اي ايس آءِ پاڻ عدالت ۾ گٽڪو کائڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿي ويو آهي

 اسسٽنٽ سيشن جج ۽ سينيئر سول جج اعجاز علي شاھ جي عدالت ۾ گٽڪي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن بابت ٻڌڻي ٿي، سٽي ٿاڻي جو اي ايس آءِ امير بخش جيڪو شاهدي لاءِ آيو هو، پاڻ عدالت ۾ گٽڪو کائيندو رهيو

عدالت گٽڪو کائيندڙ اي ايس آءِ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته کيس فوري طور گرفتار ڪري مٿس منشيات جو ڪيس داخل ڪيو وڃي

ڊي ايس پي عدالتي حڪم تي اي ايس آءِ کي معطل ڪري ڇڏيو آھي، ايس ايڇ او سٽي آغا اسدالله پٺاڻ تصديق ڪئي ته امير بخش عمراڻي کي معطل ڪري ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي