حيدرآباد ۾ وڪيل جي مبينا تذليل: پوليس ۽ بار ۾ ڇڪتاڻ

0
368
حيدرآباد ۾ وڪيل جي

حيدرآباد: وڪيل اڳواڻ جي گرفتاري تان پوليس ۽ وڪيلن ۾ ڇڪتاڻ ٿي وئي آهي، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن اي ايس پي حسنين وارث کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

بار ٺهراءُ پاس ڪري ڪاپيون آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي ڏانهن به اماڻيون آهن

گذريل رات هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي فنانس سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ڪاشف رضا ڀٽو کي ڀٽائي نگر واري علائقي ۾ اي ايس پي بلديا حسنين وارث جي اڳواڻي ۾ پوليس عملي روڪيو

وڪيلن الزام هنيو آهي ته پوليس ايڊووڪيٽ ڪاشف رضا ڀٽو کي گاڏي مان لاهي موبائيل ۾ ويهاري ٿاڻي منتقل ڪيو ۽ کيس تذليل جو نشانو بڻايو ويو

ڊسٽرڪٽ بار جي اڳواڻن عرفان ٻگهيو، عشر مجيد کوکر، عبدالرزاق درس ۽ ٻين چتاءُ ڏنو آهي ته اي ايس پي خلاف ڪارروائي نه ٿي ته احتجاج سان گڏ عدالتن ۾ پٽيشنز داخل ڪرايون وينديون