مهر گروپ کي ڌچڪو: حاجي خان مهر ۽ بنگل خان ضلعي چيئرمين نه ٿي سگهندا

0
977
مهر گروپ کي ڌچڪو:

ڏهرڪي(رپورٽ: اعظم سهرياڻي) مڪاني چونڊن لاءِ گهوٽڪي ضلعي ۾ چيئرمين شپ لاءِ خواب ڏسندڙ ٻن اميداورن جا خواب ڀورا ڀورا ٿي ويا

مهر گروپ جي سرواڻ علي گوهر مهر جي پٽ  اڳوڻي ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر جو ووٽ خانڳڙهه ٽائون ڪاميٽي ۾ داخل ٿي ويو، جيڪو هاڻ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر نه ٿي سگهندو

پ پ ايم اين اي محمد بخش مهر جي ڀاءُ بنگل خان مهر جو ووٽ به خانڳڙهه جي ٽائون ڪاميٽي ۾ داخل ٿيل آهي، جنهن جي ڪري هو به ضلعي ڪائونسل جو اميدوار نه بيهي سگهندو

اليڪشن ڪميشن جي ضلعي آفيسر عمران علي شيخ موجب جنهن جو ووٽ ٽائون ڪاميٽي ۾ داخل آھي، اهو ضلعي ڪائونسل جو اميدوار نٿو ٿي سگهي

واضح رهي ته حاجي خان مهر ۽ بنگل خان مهر ضلعي چيرمين جا اميدوار هئا، پر ووٽ خانڳڙهه ۾ هُجڻ سبب کين نقصان پهتو آهي، جڏهن ته  مهر گروپن سان اڳواڻ به پيرشاني ۾ ورتل آهن

ھي به پڙھندا

ٽنڊي باگي ۾ موچي جي نياڻي پاران مڪاني چونڊ وڙهڻ جو اعلان