گوگل ميپ ذريعي گهوٽ ڪنهن ٻي عورت جي شادي ۾ پهچي ويو

0
541

ڪراچي (م.ڊ) انڊونيشيا ۾ گوگل ميپس تي ايڊريس جي ڳولها ڪندي هڪ گهوٽ ڪنهن ٻي عورت جي شادي جي گهر ۾ پهچي ويو. رپورٽن مطابق ان ڏينهن ڳوٺ ۾ هڪ جڳهه تي شادي هئي ۽ ٻئي هنڌ مڱڻي جون تياريون هلي رهيون هيون، ان تي گهوٽ پريشان ٿي پيو ۽ مڱڻي واري گهر پهچي ويو. رپورٽن مطابق الفا نالي هڪ ڇوڪري جنهن جي مڱڻي جي تقريب ٿي رهي هئي، تنهن چيو ته جڏهن هن مهمانن کي گهوٽ سميت ڏٺو ته هوءَ حيران ٿي وئي ڇاڪاڻ ته جوءَ ڪنهن کي به نه پئي سڃاڻي. الفا موجب”منهنجي گهرڀاتين، گهوٽ ۽ ٻين مهمانن کي عزت سان ڀليڪار ڪيو. جڏهن هو کيس تحفا ڏيڻ جي تياري ڪري رهيا هئا ته گهوٽ سان گڏ آيل هڪ همراهه کي لڳو ته هو غلط هنڌ اچي ويا آهن. هن چيو ته هو گوگل ميپ ذريعي ڏنل ايڊريس ڏسڻ بعد هتي آيا آهن. گهوٽ ۽ ڄاڃين بعد ۾ الفا کان معافي گهري ۽ واپس صحيح هنڌ تي پهچي ويا.