لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال جي آپريشن ٿيٽرز جي خراب حالت

0
386

لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال جي آپريشن ٿيٽرز جي خراب حالت، اھم سرجيڪل ايڪوپمينٽس جي فراھمي 6 مھينن کان بند ھجڻ سان گڏ آپريشن لاءِ استعال ٿيندڙ بنيادي مشينري به ناڪارا ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، آپريشن ٿيٽرز اندر صفائي سٿرائي جو نظام انتھائي خراب ۽ اسپتال ٻاھران به گندگي جا ڍير لڳل آهن، جنهن سبب وبائي بيماريون ڦھلجڻ جو خطرو به وڌي ويو آهي، جڏهن ته اسپتال انتظاميا جي لاپرواھي سبب آپريشن ڪندڙ ڊاڪٽر به غير محتاط طريقي سان آپريشن ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ سوين مريضن ۾ خطرناڪ بيماريون ڦھلجڻ جو به خدشو وڌي ويو، ڊيوٽي عملي جو چوڻ آهي ته چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال جي آپريشن ٿيٽر سميت ٻين آپريشن ٿيٽر ۾ آٽو ڪليو مشينز ناڪارا آهن، آپريشن ٿيٽر جون لائيٽون توڙي ايئرڪنڊيشن به ناڪارا ۽ ايئرڪنڊيشن بجاءِ پکا پيل ۽ گندگي جا ڍير لڳل.