ٽنڊو ڄام : اسسٽنٽ ڪمشنر کي نقلي تاج جو تحفو ڏنو ويو

0
589

ٽنڊوڄام (ن پ ا) هڪ جماعت جي مقامي اڳواڻ اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد ٻهراڙي قنديل فاطمه ميمڻ کي تعلقي ٻھراڙي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي “سوني” تاج جو تحفو ڏنو. جڏهن ان بابت اسسٽنٽ ڪمشنور کان پڇيو ويو ته تاج سونو آهي يا نقلي ته هن جواب نه ڏنو. پر ٻئي پاسي تاج جو تحفو ڏيندٽ تسليم راجپوت اعتراف ڪيو ته چانديءَ واري تاج کي سون جو پاڻي ڏئي اسسٽنٽ ڪمشنر کي تحفو ڏنو، هن چيو ته ماڻهن کي ناهي خبر ته تاج ڪوڙو آهي، رڳو اسسٽنٽ ڪمشنر کي ٻڌايو هو.